ملتان -06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ملتان ۾ نجي اسڪول جو دورو ڪيو. اسڪول جي پرنسپال شميم شيخ، استادن ۽ تعليم پرائيندڙ ٻارن سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ گلدستا پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي راڻا مشهود احمد ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته هو ان اداري کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو آهي جتي پورهيت والدين جا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هي اسڪول پنهنجي وسيلن سان ٺاهيو ويو آهي جيڪو هڪ عظيم مثال آهي، هتي تعليم حاصل ڪندڙ ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن. راڻا مشهود احمد ٻارن کي نصيحت ڪندي چيو ته هو پنهنجي تعليم کي مقصد بڻائين ۽ محنت سان اڳيان وڌن. شاگردن کي مخاطب ٿيندي هن جو چوڻ هو ته اوهان جا والدين اوهان جي لاءِ محنت ڪري رهيا آهن، توهان به پنهنجي تعليم سان سندن محنت جو سلو ڏيو. راڻا مشهود احمد ٻڌايو ته هن اسڪل جا ڪيترائي شاگرد پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن م خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪجهه ڊاڪٽرز پڻ بڻيا آهن. اسڪول جي شاگردن کي جلد ئي اسلام آباد جو دورو ڪرايو ويندو. ان موقعي تي پرنسپل شميم شيخ بڌايو ته اسڪول قائم ٿئي 30 سال مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت پنج هزار کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. 24 ايڪڙن تي ٻڌل هي اسڪول جتي بيوٽري پارلر ۽ ڊريس ميڪنگ جهڙا هنر به سيکاريا ويندا آهن ته جيئن ٻارن کي عملي زندگي لاءِ تيار ڪري سگهجي.