اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي آپريشنز ۾ 8 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي نائيڪ مجاهد خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. هن چيو ته پوري قوم شهيد مجاهد خان کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.