اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديشي پرڏيهي صلاحڪار کي ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ هڪطرفي قدمن بشمول سنڌ طاس معاهدي جي شقن کي معطل ڪرڻ جي فيصلي جي نتيجي ۾ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورين ڌرين پاران تحمل کان ڪم وٺڻ تي زور ڏيندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.