اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هڪ هفتي جي اندر ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اهو ٻيو ٽيليفونڪ رابطو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڏکڻ ايشيا جي تازي اڳڀرائي ۾ سندس دلچسپي ۽ رابطن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ ڪنهن به ٽڪراءُ کان بچڻ جي ضرورت جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آزاد، شفاف، غيرجانبدار ۽ معتبر جاچ جي پنهنجي آڇ جو ورجاءُ ڪندي ان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارت اڃا تائين ڪي ثبوت فراهم ناهن ڪيا ۽ پوءِ به هن اشتعال انگيز بيان بازي ۽ جنگ کي هوا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان جي معاشي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۽ عالمي مالياتي ادارن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڀارتي ڪوششن تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو ۽ ان معاملي تي سمورين ڌرين سان رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.