اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري سان عالمي توانائي ڪمپني وارٽسلا جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز، گرڊ جي استحڪام ۽ تجديد جوڳي ذريعن سان پيدا ٿيندڙ توازن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب وفد جي اڳواڻي وارٽسلا جي انرجي بزنس ڊائريڪٽر اليگزينڊر آئيڪرمن ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم ٻه واٽي تي بيٺل آهي جتي پُراڻين پاليسين کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي دنيا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ئي تجديد جوڳي توانائي سبب پيدا ٿيل انٽرميٽنسي جهڙن مسئلن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن ۽ پاڪستان به انهن چئلينجز کي منهن ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن وارٽسلا جهڙيون عالمي ڪمپنيون اسان جي رٿابندي ۾ حصيدار بڻجن ته اسان نه صرف پنهنجن اثاثن کي مؤثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهون ٿا پر گرڊ جي استحڪام کي به بهتر بنائي سگهون ٿا. اسان کي موجوده پاور پلانٽس کي صرف بجلي پيدا ڪرڻ جي روايتي ماڊل ۾ ڏسڻ بدران انهن کي توازن پيدا ڪندڙ ماڊل طور ڏسڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بيٽري اسٽوريج ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجيز تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن تجديد جوڳن ذريعن جي مڪمل گنجائش ڪتب آڻي سگهجي. هن وارٽسلا جي وفد کي چيو ته مڪمل اسٽيڊي جو شروعاتي مسودو ان جو دائره ڪار اهم نُڪتن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن ته جيئن سمورن لاڳاپيل ادارن جي شموليت سان هڪ مربوط حڪمت عملي ترتيب ڏئي سگهجي. اليگزينڊر آئيڪرمن ڳالهين دوران چيو ته توانائي جي عالمي صنعت ۾ تمام تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي. پاڪستان جيڪڏهن پنهنجي موجوده پاور پلانٽس کي بيلنسنگ رول ۾ تبديل ڪري ته بنا ڪنهن وڏي سيڙپڪاريءَ جي تجديد جوڳن ذريعن مان مسئلي جو مؤثر حل ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته اڄ دنيا هائيڊروجن، سولر ۽ ونڊ تي منتقل ٿي چڪي آهي، تجديد جوڳن ذريعن سان بجلي جي پيداوار ۾ تسلسل جو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ اهڙن پلانٽس ۽ ٽيڪنالاجيز جي ضرورت آهي جيڪي فوري ردِعمل ڏئي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اڳ کان موجود ڪيترائي اثاثا جيڪڏهن درست ماڊل تحت استعمال ڪيا وڃن ته ڪنهن وڏي سرمائي جي ضرورت نه پوندي صرف پاور پرچيز ايگريمينٽس کي بيس لوڊ کان بيلنسنگ ماڊل ۾ منتقل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ان جي بنيادي لاڳت اڳ ئي پوري ٿي چڪي آهي. ملاقات ۾ وفاقي وزير ان ڳالهه کي ورجايو ته توانائي واري وزارت سمورن اهڙين تجويزن جي آجيان ڪندي جيڪي نظام کي مستحڪم، پائيدار ۽ مستقبل موجب بنائڻ ۾ مددگار ٿين.