اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي پهلگام واقعي کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي جي خاتمي جي هڪ طرف اعلان ۽ پاڪستان کي پهلگام واقعي سان جوڙڻ جي حوالي سان بي بنياد ڪوششن کي رد ڪندي مذمتي قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ ڀارت طرفان دهشتگردي جي واقعي کي بنياد بنائي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن جي مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ان واقعي کي به ڀارت طرفان مڪروه سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع جي پوري اهليت رکي ٿو ۽ علائقائي سالميت خلاف ڪنهن به اڳرائي، پاڻي دهشتگردي ۽ فوجي اشتعال انگيزي جو فيبروري 2019ع وانگر منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو عوام امن لاءِ پُرعزم آهي جڏهن ته ڪنهن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته هو ملڪ جي خودمختياري سلامتي ۽ مفادن سان کيڏي قرارداد ۾ عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ ٽارگيڊ قتل تي ڀارت کي دهشتگرديءَ جي مختلف واقعن ۾ ملوث هئڻ تي ڏوهي قرار ڏنو وڃي. قرارداد ۾ ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي خوداراديت واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جي سياسي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو ويو.