اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان جي ناليوارن ريفائنريز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرز (سي اي اوز) تي ٻَڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حڪومت ۽ ريفائننگ سيڪٽر وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ، پائيدار توانائيءَ جي فراهمي يقيني بنائڻ، ريفائنريز جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتر بنائڻ ۽ ريفائنريز جي اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب پيٽروليم واري وزارت ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ ريفائنريز جي اپ گريڊيشن ٻارڻ جي معيار ۽ پيٽروليم سيڪٽر کي پاڪستان جي معيشت ۾ وڌيڪ مؤثر بنائڻ لاءِ پاليسين جهڙن اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير ريفائننگ انڊسٽري جي ترقيءَ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ صارفين لاءِ سستي، ديانتدار توانائيءَ جي فراهمي تي حڪومتي عزم کي ورجايو. انڊيا سان هاڻوڪي ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ پاڪستاني ريفائنريز جي سي اي اوز وفاقي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان هٿياربند فوج ٻارڻ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون. هن زور ڀريو ته سمورن ضروري انتظامن اسٽريٽجڪ ٻارڻ جي ذخيرن ۽ بنا رڪاوٽ پيداواري صلاحيت قومي دفاعي ضرورتن کي ڪنهن به صورت ۾ سپورٽ ڪرڻ لاءِ موجود آهيون. وزير ريفائنريز جي اڳواٽ قدمن جي ساراهه ڪئي، شهري ۽ فوجي ٻنهي شعبن لاءِ توانائيءَ جي سلامتي يقيني بنائڻ ۾ حڪومت جي مڪمل سپورٽ جي عزم کي ورجايو. وفاقي وزير چيو ته ريفائنريز جو پاڪستان جي توانائي سپلاءِ چين ۾ اهم ڪردار آهي، اسان اپ گريڊيشن ٻارڻ جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ ڊگهي مُدي واري استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ سازگار پاليسي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هي تعاون توانائي جي سلامتي ۽ معاشي ترقي جي حاصلات لاءِ نهايت اهم آهي، جيڪو ملڪ کي مستقبل ۾ هڪ مضبوط ۽ پائيدار پيٽروليم سيڪٽر فراهم ڪندو. ريفائنريز جي سي اي اوز وفاقي وزير جي سپورٽ جي ساراهه ڪئي ۽ اپ گريڊيشن فنانشل سڌارن ۾ حڪومتي تعاون ۽ شعبي جي عملي چئلينجز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌُرين ان شعبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ باقائدي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وفد ۾ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي سي اي او زاهد مير، پارڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ارتضيٰ قريشي، اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ جي سي اي او عادل خٽڪ، سائز جيڪو جي سي اي او عامر عباسي ۽ نيشنل ريفائنري لميٽيڊ جي سي اي او اسد حسن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پيٽروليم وارو سيڪريٽري مؤمن خان، ايڊيشنل سيڪريٽري ظفر عباس ۽ ڊائريڪٽر جنرل آئل عمران احمد به موجود هئا.