اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي بانيءَ کي سزا قانوني ۽ عدالتي معاملو آهي، مون کي پي ٽي آءِ جي باني جي آزاديءَ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي علم ناهي پر ٿي سگهي ٿو حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس پلان ڪري جيڪڏهن پي ٽي آءِ ان سموري مسئلي کي پي ٽي آءِ جي بانيءَ جي آزاديءَ سان مشروط رکڻو آهي ته پوءِ اي پي سي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا لڳن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت بهانا بنائي ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ليڊر کي ٻاهر آڻڻ چاهي ٿي. پاڪستان جي سلامتي ۽ حفاظت سان انهن جو ڪو واسطو ناهي. هو پي ٽي آءِ جي بانيءَ کي ٻاهر آڻڻ جو ڪونه ڪو بهانو ڳولي رهيا آهن، انهن جي اها خواهش هوندي ته هي مسئلو اڃا وڌيڪ خراب ٿئي ۽ـ اسان جي مسئلي کي خوامخواه جو جواز ملي.