اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان يو اي اي جي سفير حماد عبيد الزاب اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي ۽ يو اي اي وچ ۾ مال برداريءَ جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان يو اي اي جي سفير حماد عبيد الزاب ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي ۽ يو اي اي وچ ۾ مال برداريءَ جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران يو اي اي ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل جيڪو ايڊ پورٽس گروپ جي ذيلي ڪمپنيءَ جي ملڪيت آهي ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ مال بردار ٽرين سروسز جي شروعات لاءِ ڊگهي مدي واري معاهدي جي آڇ ڪئي، ان حصيداريءَ سان پاڪستان ريلوي جي مال برداريءَ جي شعبي ۾ مارڪيٽ شيئر ۾ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ جي ملٽي موڊل ٽرانسپورٽ جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. يو اي اي پاڪستان ريلوي جي مال برداريءَ جي خدمتن کي جديد بنائڻ لاءِ ڊگهي مُدي واري تعاون جي آڇ ڪئي، جنهن سان نه صرف پاڪستان ريلوي جي صلاحيتن ۾ واڌ ٿيندي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطا به وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ٻنهي ڌُرين گڏيل فريم ورڪ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن تحت اڳتي جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان حصيداريءَ سان پاڪستان ريلوي جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.