اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، فتح ميزائل جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن، انجينئرن ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي سائنسدانن، انجينئرن ۽ عسڪري قيادت جو شاندار ڪارنامو آهي، قوم کي به فتح ميزائل جي ڪامياب تجربي تي مبارڪون ڏيان ٿو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي واضح ڪيو ته پاڪستان جي اسٽريجٽڪ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بدولت پاڪستان جو دفاع اڻمٽ آهي.