اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنا ثبوت پهلگام واقعي جو تعلق پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڀارتي ڪوششن کي رد ڪندي واقعي جي اعليٰ سطح جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي پنهنجي آڇ جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ برطانيا کي ان ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پهلگام واقعي کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. ڪو ثبوت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ان واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي ڀارت جي ڪوششن کي رد ڪندي وزيراعظم واقعي جي اعليٰ سطح جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي پنهنجي آڇ جو ورجاءُ ڪيو ۽ برطانيا کي ان ۾ شموليت جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ملڪ جي اقتصادي ترقي آهي ۽ پاڪستان ڪڏهن به اهڙو ڪوق دم نه کڻندو جنهن سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان ۽ ڀارت سان پنهنجي دوستاڻي سفارتي لاڳاپن کي استعمال ڪندي خطي ۾ امن جي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته برطانيا علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪندو.