اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي حڪومت جي تازي غيرذميواراڻي ۽ جارحاڻي بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انهن ڀارتي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام خطرو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفي اهميت جي معاملن خاص طور تي پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي ۽ جارحاڻي بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت جي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي. چيني سفير چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پائيدار ۽ آزمايل دوستي جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٻئي ملڪ ”مضبوط ڀائر“ آهن. ٻنهي سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چيني سفير پاڪستان جي موقف کي چين سان شيئر ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. چيني سفير وڌيڪ چيو ته چين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سدائين پاڪستان جي حمايت ڪندو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي ۽ چيني حڪومت جي مسلسل حمايت کي ساراهيو.