اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي بابت باضابطا طور تي آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪندو ته ڪهڙي طرح ڀارت جا جارحاڻي قدم، بار بار اشتعال انگيزي ۽ اشتعال انگيز بيان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن. پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ وجهڻ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪوشش کي به اجاگر ڪندو جيڪو سندس عالمي ذميوارين جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪندو ته هو انهن اڳڀرائين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻندي عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون بنيادي ذميواريون ادا ڪري.