قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران الفتح ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجينئرن کي مبارڪون

اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪرڻ تي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجينئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سومر ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجينئرن کي خراج تحسين پيش ڪندي نيڪ خواهشنن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته الفتح ميزائل جي ڪامياب تجربي سان ملڪ جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. پاڪستاني سائنسدانن ۽ …

اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪرڻ تي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجينئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سومر ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجينئرن کي خراج تحسين پيش ڪندي نيڪ خواهشنن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته الفتح ميزائل جي ڪامياب تجربي سان ملڪ جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجينئرن کي الله تعاليٰ ڀرپور صلاحيتن سان نوازيو آهي. قوم کي پنهنجي سائنسدانن ۽ انجينئرن ۽ هٿياربند فوج تي فخر آهي. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. پاڪستان جي بهادر فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اسپيڪر، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجينئرن جي وڌيڪ ڪاميابين ۽ ڪامرانين لاءِ دعا ڪئي.