اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت 17 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سڌي ريت مديني شريف پهچي ويا آهن جيڪي مديني شريف ۾ 8 ڏينهن ترسڻ کانپوءِ 7 مئي تي مڪي شريف روانو ٿيندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته مديني شريف ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. سومر 5 مئي تائين 71 اڏامن ذريعي 17 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا مديني شريف پهچي ويا آهن. زميني حج آپريشن تحت سرڪاري اسڪيم جا 39 هزار 717 پانڌيئڙا سڌي ريت مديني شريف پهچندا. مديني شريف ۾ حج پانڌيئڙن جي پاڪستاني کاڌن سان تواضع ڪئي پئي وڃي. مديني شريف ۾ موجود پاڪستاني حج پانڌيئڙن مذهبي معاملن واري وزارت طرفان کاڌي پيتي، رهائش ۽ ٻين خدمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مديني شريف پهچندڙ حج پانڌيئڙن جي 7 مئي کان مرحلي وار مڪي شريف روانگي شروع ٿي ويندي جڏهن ته پاڪستان مان جده حج فلائٽ آپريشن 14 مئي کان شروع ٿيندو.