ميڊرڊ – 5 مئي (اي پي پي ) ناروي جي ٽينس اسٽار ڪيسپرڊ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي عيوض اي ٽي پي ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي . 26 سالن جي ناروي جي ٽينس اسٽار ڪيسپررڊ مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ مخالف انگلينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ففٿ سيڊڊ جيڪ ايليگزينڊرڊيپر کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. اي ٽي پي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن جا دلچسپ مقابلا اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ جي وينو پارڪ منزاناريس ۾ جاري آهن .