جنيوا – 5 مئي (اي پي پي)پرتگال جي مشهور سائيڪل سوار جوا الميڊا نيٽورڊي رومانڊي سائيڪل ريس 2025ع کٽي ورتي آهي. يو اي اي ايمريٽس ايڪس آر جي جي 26 سالن جي پرتگال جي سائيڪلسٽ جوا الميڊا ٽورڊي رومانڊي جو 78 هون ايڊيشن پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ٽيم بحرين جي فرانس جي سائيڪلسٽ ليني مارٽنيز ٻي ۽ يو اي اي ٽيم ايمرٽيس ايڪس آر جي جي آسٽريلين سائيڪل سوار، جي وائن ٽئين نمبر تي رهيو. هڪ هفتي تائين جاري ان ڊوڙ جي پنجين ۽ آخري مرحلي ۾ به پرتگال جو مشهور سائيڪلسٽ جوا الميڊا فاتح رهيو ۽ مجموعي برتري تي به سندس ئي قبضو رهيو.