ڪراچي-04 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي ته جڏھن پاڪستان ترقي جي دڳ تي ھلندو آھي، ھندستان پنھنجن سازشن وسيلي ان جي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. انھن خيالن جو اظھار ھن جناح يونيورسٽي فار وومن جي سندون ورھائڻ واري جلسي کي خاص مھمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته ھندستان پنھنجن سڀني ڪوششن ۾ ناڪامي بعد پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جھڙا قدم کيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ھڪ ايٽمي طاقت آھي جنھنجو دفاع ان جي عوام جي بي پناھ قوت ۽ عزم سان جڙيل آھي، ۽ ڪو بھ ملڪ اسان کي نقصان نھ ٿو پھچائي سگھي. گورنر پاڪستان جي قومي عزم کي ورجائيندي شاگردياڻين سان گڏجي پاڪستان زندھ باد، پاڪستان پائيندا باد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا بھ لڳايا. ان کان اڳ گورنر ڪامران خان ٽيسوري جناح يونيورسٽي فار وومن جي 24 ھين سندن ورھائڻ واري جلسي ۾ پڙھي پاس ڪري نڪتل شاگردياڻين کي واڌايون ڏيندي سندن ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي. گورنر چيو تھ ھو پاڪستان جي خانگي شعبي جي عورتن جي پھرين يونيورسٽي ۾ موجود ھجڻ پنھنجي لاءِ اعزاز سمجھي ٿو. ھن شاگردياڻين کي تلقين ڪئي تھ اهي پنھنجي تعليم کي فقط ڊگرين تائين محدود نھ رکن پر ملڪي خدمت ۾ استعمال ڪن، سندس چوڻ ھو تھ اوھان جي والدين اوھانجو ڀرپور ساٿ ڏنو، ھاڻ وقت اچي ويو آھي تھ اوھان بھ سندن ساٿ ڏيو ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريو. قائد اعظم محمد علي جناح رح جي تحريڪ ۾ محترمھ فاطمھ جناح جي ڪردار جو حوالو ڏيندي گورنر چيو تھ ”عورتن ماضي ۾ به قوم جي وڏن فيصلن ۾ ڪردار ادا ڪيو، ۽ اڄ به انھن جي پاڪستان کي سخت ضرورت آھي.