لاهور-04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ملائشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ رويي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا جي موجود ڇڪتاڻ تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي بنا ڪنهن ثبوت جي ان واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان واقعي جي پٺيان حقيقتن جو پتو لڳائڻ لاءِ عالمي، شفاف، معتبر ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ پاڪستان جي آڇ کي ورجايو.وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ان جاچ ۾ ملائيشيا جي شرڪت جي آجيان ڪندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ طور پاڪستان جي ڪردار ۽ ان ڪوشش ۾ ان جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جا قدم پاڪستان جي اولهندي سرحد تي دهشتگردي جي روڪٿام وارين ڪوششن تان ڌيان هٽائي رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ان طرح جي تڪرارن ۾ نٿو الجهڻ چاهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ اقتصادي استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. ٻنهي وزيراعظم پاڪستان ملائيشيا لاڳاپن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو، ان روشني ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته هو هلندڙ سال ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪرڻ جو منتظر آهي. هي ٽيليفون ڪال پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ويجهي دوستي جي عڪاس آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.