اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتو سري محمد حسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کيس موجوده علائقائي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطري جو سبب بڻيل ڀارت جي بنياد الزامن، غلط معلومات جي مهم ۽ غير قانوني هڪطرفي قدمن کي واضح طور رد ڪندي سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جي ڀارت جي هڪطرفي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي جيڪو ان جي عالمي ذميوارين جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي. اسحاق ڊار علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو، هن واضح ڪيو ته قومي مفاد ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ پنهنجو حق محفوظ رکون ٿا. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتو سري محمد حسن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن طرفان تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻن موجوده صورتحال ۾ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.