اسلام آباد -04 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، سينئر نائب صدر اياز خان ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل تنوير شوڪت کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نئين چونڊيل قيادت جي ڪاميابي صحافتي برادري جي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. وفاقي وزير چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي هڪ ذميوار، آزاد ۽ پيشيواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سي پي اين اي جي نئين قيادت صحافين جي حقن جي تحفظ، پيشيواراڻي معيار کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن جي پاسداري لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي. وفاقي وزير چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت سمورن صحافتي تنظيمن سان رابطي ۾ آهي، صحافتي ادارن کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين.