نئين دهلي -04 مئي (اي پي پي) پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت ۾ مسلمانن خلاف چڙ ڏياريندڙ واقعن ۽ اسلامو فوبڪ سرگرمين ۾ تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. مختلف ڀارتي رياستن جي مسلمانن ۽ ڪشميرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ”انڊيا هيٽ ليب“ جي هڪ تازي رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته 22 اپريل کان 2 مئي وچ ۾ ڀارت کي 9 رياستن ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪل 64 چڙ ڏياريندڙ واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. پهلگام حملي کان پوءِ 10 ڏينهن ۾ 64 مسلم مخالف چڙ ڏياريندڙ تقريرن جا واقعا رڪارڊ ڪيا ويا، جي عنوان هيٺ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته مهاراشٽرا، 17 واقعن سان پهرين نمبر تي آهي. ان کان پوءِ اتر پرديش ۾ 13، اتر اکنڊ ۽ هريانه ۾ 6-6 واقعا رپورٽ ٿيا جڏهن ته باقي واقعا راجسٿان، مڌيه پرديش، هماچل پرديش، بهار ۽ ڇتيس ڳڙهه ۾ پيش آيا. پهلگام واقعي کان پوءِ مختلف هندو پرست تنظيمن مختلف خطن ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ لاءِ منظم انداز ۾ مسلمانن خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم شروع ڪئي.