ڄمون – 04 مئي (اي پي پي) ڀارتي پيراملٽري سينٽرل ريزرو پوليس فورس جي هڪ اهلڪار کي پاڪستاني ناري سان پنهنجي شادي لڪائڻ جي الزام تي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فورس جي اختيارين ٻڌايو ته سي آر پي ايف جي 41 بٽالين جي ڪانسٽيبل منير احمد کي هڪ پاڪستاني ناري سان شادي ڪرڻ ۽ سندس ويزا جو مدو ختم ٿيڻ باوجود کيس پناهه ڏيڻ تي نوڪري تان فوري طور تي برطرف ڪيو ويو آهي. اهو معاملو ان وقت سامهون آيو جڏهن ڀارتي حڪومت پهلگام واقعي بعد طبي يا انساني بنيادن کي هڪ پاسي رکندي سمورن پاڪستاني شهرين کي بي دخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.