اسلام آباد -04 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري پهلگام واقعي جي مذمت ۽ ان واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ڀارت پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائي نه ٿو سگهي، ڀارت ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي طاقت جي زور تي ڪچلڻ چاهي ٿو، پر ڀارت اڄ تائين پنهنجي ان ناپاڪ ارادي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. والاريل ڪشمير جو غير مسلح عوام پنهنجي رت جون قربانيون ڏئي آزادي واري تحريڪ کي زنده رکيو پيو اچي. اهڙو اظهار هن ايوان صدر ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ”آزاد ڪشمير چيپٽر“ جي هڪ خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ناڪامي کانپوءِ ڏاڍ تي لهي آيو آهي، ۽ پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن جو سهارو وٺي مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي. اسان عالمي برادري کي اپيل ڪيون ٿا ته هو ڀارت کي پنهنجي جارحاڻن قدمن کان روڪي ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي مظلوم ڪشميري عوام جي مرضيءَ موجب حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڀارت هميشه ان ڪوشش ۾ رهيو آهي، ته آزاد ڪشمير جي امن ۽ سلامتي خراب ڪري، هتي بدامني پکيڙي پر ڀارت جي والاريل ڪشمير اندر فالس فليگ آپريشن سان عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي ۽ ڀارت جا مڪروه ارادا دنيا آڏو وائکا ٿي چڪا آهن، ان ڪري اهڙي وقت ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت حريت ڪانفرنس ۽ پرڏيهه م رهندڙ ڪشميرين کي گڏجي دنيا آڏو ڀارت جي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا ڀارت جي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ ظلمن کي واقف ٿي سگهي. هن ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي وفد جو گرمجوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري رياستي دهشتگردي جي شديد مذمت ڪئي. صدر آزاد ڄمون ڪشمير پهلگام سانحي کان پوءِ والاريل وادي ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، ڊيمو گرافي جي تبديلي جي ناپاڪ منصوبن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن سبب جي گرفتار ڪرڻ، ڀارت ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڪشميري شاگردن تي تشدد جي واقعن ۽ ڪشميرين جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر واضح لفظن ۾ چيو ته آزاد ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان سندن جدوجهد ۾ گڏ آهي. هن ان عزم کي به ورجايو ته ڪشميرين کي انهن جو خوداراديت وارو حق حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت تي ڪشميرين جي بنيادي حقن جي احترام لاءِ دٻاءُ وجهي.