سرينگر -04 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج آزادي پسندن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري رکيو آهي، ڀارتي فوج سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ گهرن تي چڙهائي ۽ ڳولا واريون ڪارروائيون ڪيون، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پوليس تصديق ڪئي ته سرينگر جي مختلف علائقن ۾ آزادي پسند اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا. پوليس موجب اهي ڪارروائيون ڀارت خلاف ڪنهن به سازشي سرگرمي جو پتو لڳائڻ ۽ ان کي روڪڻ، ثبوت ۽ معلومات گڏ ڪرڻ واري مقصد لاءِ ڪيون ويون آهن. پوليس خبردار ڪيو آهي، ته ڪو به ماڻهو تشدد ۽ امن ۾ خلل پيدا ڪرڻ يا غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث مليو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.