اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڪوششن تي ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڀارتي قدم عالمي سطح تي بي نقاب ٿي چڪا آهن ۽ ڀارت پنهنجي بياني جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي جي صورت ۾ سنگين نتيجن بابت خبردار ڪندي زور ڀريو ته آبي وسيلن تي وڌيڪ جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، هن زور ڀريو ته پاڪستان معاهدي جو پابند آهي ۽ پر پنهنجي حق ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻڻ کان پوئتي نه هٽندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ته پاڪستان پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ معاملو قانوني فورمز تي کڻي ويندو. هن چيو ته نريندر مودي جو بيانيو عالمي سطح تي بري طرح ناڪام ٿيو آهي. هن ڀارت تي پروپيگنڊا جو سهارو وٺڻ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ثبوت پيش ڪيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪنهن به چئلينج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪنهن به اشتعال انگيزي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.