اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي زمين کان زمين تي مار ڪندڙ ابدالي ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏيندي ان کي ملڪ جي دفاعي صلاحيتن ۾ هڪ شاندار ڪاميابي قرار ڏنو آهي، گذريل ڏينهن 450 ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ ابدالي ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان جي سائنسي برداري جي فني مهارت ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو ويو. گهرو وزير ان ڪاميابي کي ساراهيندي چيو ته انجنيئرن ۽ سائنسدانن هڪ ڀيرو ٻيهر ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ پنهنجي بي مثال مهارت جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته هي ڪامياب تجربو فخر جوڳو سنگ ميل آهي. اسان جي سائنسدانن ۽ انجنيئرنگ هڪ ڀيرو ٻيهر غير معمولي فني مهارت ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها اڳڀرائي پاڪستان جي ميزائيل ڊولپمينٽ پروگرام ۾ هڪ ٻي سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ملڪ جي اسٽريٽجڪ دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. هن زور ڀريو ته ان ڪاميابي جو تاج اسان جي اسٽريٽجڪ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز ڏانهن وڃي ٿو، جن جي ڪوششن سان پاڪستان جو دفاع پختو ٿي ويو آهي. هن ان اعتماد جو به اظهار ڪيو ته ڪو به دشمن پاڪستان جي مضبوط دفاعي نظام جي ڪري بري نيت سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. واضح رهي ته ابدالي ميزائيل جي اها ٽيسٽ قومي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ پنهنجي اسٽريٽجڪ ۽ روايتي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حصي طور تي ڪئي وئي آهي.