اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايٽمي جنگ جا نتيجا خطي لاءِ سنگين هوندا، ڀارت پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام هڻڻ بند ڪري، ڀارت جا اهڙي طرح جا قدم قبولڻ جوڳا ناهن، برن نتيجن کان بچڻ لاءِ تحمل کان ڪم وٺڻ وقت جي ضرورت آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ رضوان سعيد شيخ چيو ته علائقائي عدم استحڪام جا سنگين نتيجا نڪرندا ۽ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوشش ڪمزوري جي علامت ناهي. هن چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. پاڪستان هميشه هڪ ذميوار ملڪ طور ڪم ڪيو آهي ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارتي ڪاررواين جو مشاهدو ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان طرفان غير جانبدار جاچ جي تجويز باجود ڀارت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خلاف ڀارت جا الزام بي بنياد آهن ۽ ڪو به اعتماد جوڳو ثبوت موجود ناهي. عالمي برادري کي ڀارت طرفان پنهنجي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوششن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن خبردار ڪيو ته ڀارت طرفان ڪنهن به جارحاڻي قدم جو پاڪستان طرفان سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي ۽ پاڪستان پنهنجي علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو.