صحافت جي آزادي جمهوريت، شفاف حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي ضامن آهي: عطاالله تارڙ

اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته صحافت جي آزادي، جمهوريت، شفاف حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي ضامن آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا جمهوريت جي استحڪام، قانون جي بالادستي ۽ عوامي شعور جي بيداري ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. گذريل ڏينهن صحافت جي عالمي ڏهاڙي …

اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته صحافت جي آزادي، جمهوريت، شفاف حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي ضامن آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا جمهوريت جي استحڪام، قانون جي بالادستي ۽ عوامي شعور جي بيداري ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. گذريل ڏينهن صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير پاڪستاني ميڊيا کي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري ڏاڍ، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اثرائتو ڪردار ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عالمي ضمير کي ڌوڏيندڙ ۽ مظلومن جو آواز عالمي فورمز تائين پهچائڻ ۾ صحافي برادري جرئتمنداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اها ئي آزاد ۽ باشعور صحافت آهي جيڪا انساني همدردي ۽ حق چوڻ جي اصل ترجمان هوندي آهي. وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڀارتي جارحاڻن قدمن تي ميڊيا جي محتاط ذميداراڻي ۽ قومي مفادن کي مقدم رکڻ واري روئيي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي ميڊيا رياستي موقف کي عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪري رهي آهي، جيڪا قومي سلامتي، پرڏيهي پاليسي ۽ قومي وحدت لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، هن چيو ته ميڊيا جي سمورن ادارن کي پنهنجو پيشيواراڻو فرض، آزاد طور تي انجام ڏيڻ جو حق حاصل آهي. اظهار راءِ جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ ڪنهن به جمهوري معاشري جي سڃاڻپ آهي. حڪومت صحافين جي تحفظ، ڀلائي ۽ پيشيواراڻي تربيت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته هڪ ذميوار ۽ باخبر ميڊيائي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. حڪومت صحافت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا ادارن سان تعميري ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.