اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جميعت اهل حديث جي امير سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم ساجد مير جي بلند درجن ۽ سندس پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته ساجد مير پاڪستان جي اهل بصيرت، سياسي شخصيت ۽ ديني اسڪالر هو جنهن جي وفات سان پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهي. وزيراعظم چيو ته ساجد مير هميشه انتهاپسندي ۽ فرقيواريت خلاف آواز اٿاريو، جيڪو سندس سياست ۽ دين جي خدمتن جو سونهري باب آهي. مشڪل جي هن گهڙي ۾ مون سميت سڄي قوم جون همدرديون ساجد مير جي پونئرن سان گڏ آهن.