اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ 3 مختلف ڪارروائين ۾ 5 خوارجين کي مارڻ ۽ 2 کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل ڪارروائين دوران هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران دهشتگردن جي اڳواڻ کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي آهي. صدر مملڪت چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروائيون ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي، ملڪي دفاع لاءِ اسان جو پختو عزم آهي، صدر فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار آهي.