اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ باجور ۾ 5 خوارجين کي مارڻ ۽ مهمند ۾ 2 خوارجين کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي آپريشن ۾ هڪ انتهائي گهربل خوارجي اڳواڻ کي مارڻ ۽ هڪ انتهائي گهربل خوارجي اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ عزمن کي اهڙي طرح مٽي ۾ ملائيندا رهنداسين، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.