راولپنڊي -03 مئي (اي پي پي) پاڪستان ابدالي ميزائيل نظام جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب ابدالي ميزائيل جي رينج 450 ڪلوميٽر آهي.آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته ابدالي ويپن سسٽم جو تجربو انڊس مشقن دوران ڪيو ويو، ابدالي زمين کان زمين تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. تجربي جو مقصد آپريشنل تيارين کي يقيني بڻائڻ آهي. ۽ فوجي جٿن جي آپريشنل تياري سميت ٽيڪينڪل پيراميٽرز جي جاچ ڪرڻ هو. تجربي ۾ ميزائيل جي جديد نيويگيشن سسٽم مينيور بلٽي فيچرز جو به جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ابدالي ميزائيل تجربي جو مقصد فوج جي پيشيواراڻين تيارين کي يقيني بڻائڻ هو. ابدالي ويپن جي ٽريننگ لائونچ جي موقعي تي ڪمانڊر اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ پڻ موجود هو. صدر مملڪت ۽ وزيراعظم ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪ ڏني آهي، جڏهن ته چيئرمين جوائنٽس چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پڻ ابدالي ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي مبارڪ ڏني آهي. هنن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنلز تيارين ۽ فني مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.