اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي، ته وفاقي حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ هميشه ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وفاقي وزير انهن جو خيالن جو اظهار بهاولپور ۾ اي خدمت مرڪز جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن اي خدمت مرڪز ۾ جاري ڪم ۽ عملي جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ته مون کي اي خدمت مرڪز تي اچي وڏي خوشي ٿي آهي، مرڪز ۾ ڪم وڏي محنت ۽ چاهه سان ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دانشمنداڻي قيادت ۾ ملڪي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته اي خدمت مرڪز عوام کي هڪ ڇت هيٺان 160 کان وڌيڪ خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. مرڪز خطي جي ماڻهن لاءِ وڏو رليف آهي، عوام کي فوري سهولتن جي فراهمي لاءِ سڄي پنجاب ۾ اهڙن مرڪزن جو قيام سٺو سنئوڻ آهي.