World press freedom day concept vector illustration. World Press Freedom Day or World Press Day to raise awareness of the importance of freedom of the press. End Impunity for Crimes against Journalism; Shutterstock ID 1719324568

اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 03 مئي تي صحافت جي آزادي جو ڏهاڙو ”ورلڊ پريس فريڊم ڊي“ ملهايو ويو. هلندڙ سال اهو ڏينهن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي صحافت تي اثرن جي موضوع هيٺ ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد آزاد صحافت جي بنيادي اصولن، صحافين کي پنهنجي ذميوراين دوران پيش ايندڙ ڏکيائين، صحافين کي ملندڙ ڌمڪين ۽ انهن جي زندگين کي درپيش خطرن تي روشني وجهڻ آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جي منظوري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 1993ع ۾ ڏني وئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 03 مئي تي ملهايو ويندو آهي. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف خانگي ۽ سرڪاري ادارن عالمي ۽ ملڪي صحافتي تنظيمن ۽ ادارن پاران مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا جڏهن ته ورلڊ پريس فريڊم ڊي جي حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويا .