راولپنڊي-02 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجائيندي واضح ڪيو آهي ته جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو يقيني ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ خصوصي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ منعقد ٿي. فورم خطي جي موجوده صورتحال جو جائزو خاص ڪري پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سلامتيءَ تي غور ڪيو. فورم ڪنهن به اڳرائي يا مهم جوئيءَ خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي برقرار رکڻ جي پُختي عزم کي ورجايو. آرمي چيف هٿياربند فوج جي پُختي پيشيوراڻي مهارت، ثابت قدمي، حوصلي ۽ آپريشنل تيارين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي عوام سان متحد ٿي گڏ بيٺل آهي. آرمي چيف سمورن محاذن تي چؤڪس رهڻ ۽ فعال تيارين جي اهميت تي زور ڀريو. فورم ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم جو چوڻ هو ته خاص ڪري پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول جي معصوم شهرين کي مسلسل نشانو بنائي رهي آهي. فورم ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ڀارتي فوج جون غير انساني ۽ بنا جواز ڪارروايون علائقائي ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿيون، جنهن جو مؤثر ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ڀارت طرفان سياسي ۽ فوجي مقصدن جي حاصلات لاءِ مستقل طور هٿ ٺوڪين بحرانن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته اندروني انتظامي ناڪامين کي لِڪائڻ لاءِ ڀارت اڳ کان طئي ٿيل طريقيڪار تحت اندروني مسئلن کي هميشه کان ٻاهريون رنگ ڏيندو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح جي واقعن سان ڀارت هڪ طرفي چالن کان ”اسٽيٽس ڪو“ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙوڪ 2019ع ۾ ڏٺو ويو، جڏهن ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 رد ڪرڻ ذريعي ”اسٽيٽس ڪو“ کي هڪ طرفي طور تبديل ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ پلواما جو ڊرامو رچايو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پهلگام جي هاڻوڪي واقعي جو مقصد پاڪستان جو ڌيان اُلهندي سرحدن ۽ اقتصادي بحاليءَ لاءِ جاري ڪوششن تان هٽائڻ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻن سببن ۾ پاڪستان فيصلائتي ۽ پائيدار ترقيءَ طرف گامزن آهي. ڀارت کي ان مڪروه حربن ذريعي پنهنجي دهشتگرد پراڪسيز کي فعال ڪرڻ ۾ ناڪامي کڻڻي پوندي. شرڪت ڪندڙن انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ان جي روشنيءَ ۾ ڀارت پهلگام واقعي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائي پاڪستان جي قانوني ۽ بنيادي پاڻي حقن کي غصب ڪرڻ لاءِ رُڌل آهي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته ڀارت طرفان پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي متاثر ٿيندي پر ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام ۾ اضافو ٿيندو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي سرگرمين کي منظم ڪرڻ ۾ سڌيءَ ريت ڀارتي فوج ۽ انٽيليجنس جي ملوث هئڻ جي ترديد نه ٿيڻ جوڳين شاهدين تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته رياستي سرپرستيءَ ۾ ٿيل اهي قدم عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي ۽ ناقابل قبول آهن. امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجائيندي فورم واضح ڪيو ته جنگ مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو يقيني ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. فورم ورجايو ته پاڪستان جي عوام جي اُمنگن جو هر قيمت تي احترام ڪيو ويندو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي به ورجايو ته پاڪستان جي امن ۽ ترقيءَ جو رستو ڪنهن به ريت پراڪسيز ذريعي ٿيندڙ دهشتگردي، ڏاڍ يا جارحيت سان نٿو روڪي سگهجي، ڀارت طرفان ڄاڻي واڻي عدم استحڪام جي ڪوششن کي قومي عزم ۽ واضح قدمن سان شڪست ڏني ويندي. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف ملڪ جي دفاع لاءِ ڪيل آپريشنل تيارين ۽ مورال تي سمورن فارميشنز ۽ اسٽريٽجڪ فورمز تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.