پشاور-02 مئي (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ نريندر مودي ڀارت ۾ آمريت لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جمهوريت جي دعويدار ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزاديءَ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ انساني حقن جي پائمالين ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فالس فليگ آپريشن جي دفاع ۾ مودي فسطائيت تي لهي آيو آهي. مودي آر ايس ايس جي نظريي جي پرچار ۾ پوري خطي جي امن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته ڪوبه فالس فليگ آپريشن کي حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ان ڊرامي جي ناڪاميءَ تي نريندر مودي جا حواس بتال آهن.