مظفر آباد-02 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي قانونساز اسيمبليءَ جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قائدِ ايوان چوڌري انوار الحق، مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه فاروق احمد، موسٽ سينيئر وزير، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي وزير، گهرو وزير وقار احمد نور، زراعت ۽ـ لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊولپمينٽ واري وزير سردار مير اڪبر خان، قانون ۽ انصاف، پارلياماني معاملن ۽ انساني حقن واري وزير ميان عبدالوحيد، مڪاني ادارن ۽ ٻهراڙي جي ترقيءَ واري وزير فيصل ممتاز راٺوڙ، صنعتن ۽ ڪامرس، ليبر ويلفيئر واري وزير راجا محمد صديق، خوراڪ واري وزير محمد اڪبر چوڌري، مواصلات ۽ تعميرات واري وزير اظهر صادق ۽ صحت واري وزير نثار انصر ابدالي طرفان پيش ڪيل قرارداد متفقه طور منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پهلگام ۾ هندستان طرفان فالس فليگ آپريشن ۽ ان جي فوري پوءِ پاڪستان تي بي بنياد الزام هندستاني ميڊيا طرفان مسلمانن ۽ ڪشميرين خلاف نفرت وارو ماحول پيدا ڪرڻ، 2500 کان وڌيڪ عام شهرين جي بنا ڪنهن سبب جي گرفتاري، گهرن کي بلڊوز ڪرڻ ۽ ٻين ظلمن جي مذمت ڪري ٿو. هي ايوان هندستان جي سيڪيورٽي ڪابينه ڪميٽيءَ جي فيصلن جي مذمت ڪري ٿي. اهي فيصلا ظاهر ڪن ٿا ته هندستان هڪ طئي ٿيل منصوبي تحت بنا ڪنهن جاچ جي اهي قدم کڻي پاڪستان ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري خوداراديت واري حق جي تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان کي اهو قانوني حق حاصل ناهي ته هو سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪري، ان معاهدي ۾ ورلڊ بئنڪ هڪ ضامن طور موجود آهي، هندستان طرفان هي اعلان ان خطي کي بدامني ۽ جنگ ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش آهي. هي ايوان پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن جي مڪمل تائيد ڪري ٿو. پاڪستان جي ان دليراڻي مؤقف کي ڄمون ڪشمير جو عوام ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جا فيصلا هندستان جي توسيع پسنداڻن ۽ جارحاڻن قدمن جو مؤثر جواب آهن. هي ايوان هندستان جي قابض فوج طرفان سيز فائر لائين جي ڀڃڪڙين ۽ چِڙ ڏياريندڙ فائرنگ جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان جي بهادر فوج طرفان هندستان کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي ان کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير طرفان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي واضح ۽ اصولي مؤقف اختيار ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪرڻ، هندستان جي هندو توا ايجنڊا کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ ۽ هندستان جي ڌمڪين جو پوري قوت ۽ ايمان واري جذبي سان جواب ڏيڻ تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ان عزم کي ورجائي ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام پاڪستان جي بچاءُ ۽ سلامتيءَ لاءِ پاڪ فوج سان گڏ وڙهندو ۽ ملڪ جي بچاءُ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو. هي ايوان هندستان جي توسيع پسنداڻن عزمن کي عالمي امن ۽ـ سلامتيءَ لاءِ خطرو سمجهي ٿو. هندستان جي حڪومت طرفان هندستان ۾ مذهبي اقليتن خاص ڪري مسلمانن جي مذهبي ماڳن ۽ عقيدن تي ٻَڌل ۽ حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ انهن کي پنهنجو مذهب ڇڏڻ لاءِ قتل ڪرڻ، تشدد ۽ ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ جي قدمن جي مذمت ڪري ٿو. هي ايوان قائدِ ايوان طرفان ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ اُمنگن موجب دليراڻو ۽ واضح مؤقف پيش ڪرڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو ۽ قائد ايوان جي ان مؤقف ڄمون ڪشمير جي عوام جو اجتماعي مؤقف سمجهي ٿو.