برطانيه ۾ ڀارتي سفارتخاني آڏو مظاهرو ڪنداسين، ڀارت اڳرائي ڪئي ته سندن حدن ۾ گهڙي مارينداسين: چوڌري انوار الحق

مظفر آباد-02 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته برطانيه ۾ ڀارت جي سفارتخاني آڏو مظاهرو ڪنداسين، ڀارت جيڪڏهن پاڪستان ۾ اڳرائي ڪئي ته سندن حدن ۾ گهڙي مارينداسين. ڀارت آزاد ڪشمير ۾ بدامني لاءِ سرمايو لڳائي رهيو آهي، اسان جي آنرشپ پاڪستان وٺي ٿو يعني پوري دنيا جي آنرشپ هڪ طرف ۽ پاڪستان جي آنرشپ هڪ طرف، الحمدلله اسان کي …

مظفر آباد-02 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته برطانيه ۾ ڀارت جي سفارتخاني آڏو مظاهرو ڪنداسين، ڀارت جيڪڏهن پاڪستان ۾ اڳرائي ڪئي ته سندن حدن ۾ گهڙي مارينداسين. ڀارت آزاد ڪشمير ۾ بدامني لاءِ سرمايو لڳائي رهيو آهي، اسان جي آنرشپ پاڪستان وٺي ٿو يعني پوري دنيا جي آنرشپ هڪ طرف ۽ پاڪستان جي آنرشپ هڪ طرف، الحمدلله اسان کي بلڪل به پريشاني جي ضرورت ناهي، برطانيه ۾ مظاهرن جي تجويز سٺي ڳالهه آهي پر اسان کي ان لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ان صورتحال ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي قيادت ۽ حريت ڪانفرنس هڪ پيج تي آهن، غور ۽ ويچار ان ڳالهه تي ڪرڻو آهي ته جنهن مسئلي لاءِ 3 نسلون وڃائي چڪا آهيون، ان ڪشمير مسئلي کي اڳتي ڪيئن وٺي وڃڻو آهي. اهڙو اظهار هن مظفر آباد ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته آل پارٽيز ڪشمير ڪانفرنس ۾ عالمي مظاهرن جي باري ۾ انتهائي وزن واري تجويز سامهون آئي آهي. اسان کي برطانيه ۾ هڪ انتهائي طاقتور مظاهرو ڪرڻ گهرجي، آزاد ڪشمير حڪومت ان معاملي ۾ مڪمل طور اوهان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته هي به انتهائي مؤثر ۽ سٺي تجويز آهي ته هتي آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم پاڪستان جو عوامي جلسي ۾ شاندار استقبال ڪيو وڃي. ان يڪجهتيءَ کي عوامي جلسن، جلوسن ۽ ريلين ۾ به قائم رکڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ان مناسب تجويز سان سڀني دوستن جي تجويزن جي توثيق ڪندي چوان ٿو ته انشاءَ الله ڪشمير مسئلي کي منتقي انجام تائين پهچائينداسين.

مزید خبریں