ڊلاس- 02 مئي (اي پي پي)آمريڪا ۽ زمبابوي جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ون ڊي ميچ ڇنڇر 3 مئي تي گريڊ پريري اسٽيڊيم، ڊلاس ۾ کيڏي ويندي. آمريڪي وومين ٽيم کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ زمبانوي جي وومين ٽيم خلاف 0-1 جي برتري حاصل آهي. ميزبان آمريڪي ٽيم پهريم ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي جي وومين ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ مهمان زمبابوي جي وومين ٽيم آمريڪا جي وومين ٽيم کي 1-2 تان شڪست ڏني هئي.