ميڊرڊ -2 مئي (اي پي پي)انگلينڊ جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ففٿ سيڊڊ جيڪ اليگزينڊرڊ ريپر ۽ ناروي جو ٽينس اسٽار ڪيسپر رڊ پنہنجي بهترين ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا. 23 سالن جو برطانوي ٽينس رانديگر جيڪ اليگزينڊرڊ ريپر مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائينل رائونڊ جي ميچ ۾ 24 سالن جي مخالف ٽينس رانديگر ميٽيو آرنلڊي کي شڪست ڏني جڏهن ته 26 سالن جي ناروي جي ٽينس اسٽار ڪيسپررڊ مينز سنگلز ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 29 سالن جي روس جي ٽينس اسٽار ڊينيئل مدوديف کي شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. اي ٽي پي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن جا دلچسپ مقابلا اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ جي وينيو پارڪ منزاناريس ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهياآهن.