ميڊرڊ-30 اپريل (اي پي پي ) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا ۽ پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ۽ پنج گرينڊ سلام ٽائٽلز جي ڪامياب آئيگا نٽالي سويٽڪ ڊبليو ٽي اي ميڊرڊ اوپن ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي ڪاميابي جي سلسلي کي برقرار رکندي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي، 26 سالن جي بيلاروس جي ٽينس اسٽار آريانا سبالينڪا عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٽاپ 16 ميچن ۾ آمريڪي مخالف رانديگر پيٽن ميڪنزي سٽرنز کي هارائي ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. جڏهن ته 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار آئيگا نٽالي سويٽيڪ ويمنز سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ 21 سالن جي روس جي مخالف ٽينس رانديگر ڊيانا ميڪسيموناشنائيڊر کي هارائي ڇڏيو. ڊبليو اي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن جا دلچسپ مقابلا اسپين جي گادي واري هنڌ ميڊرڊ جي وينيو پارڪ منز اناريس ۾ جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.