اشڪ آباد -28 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ترڪمانستان جي دوري تي پهچي ويو آهي، جتي هو اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پائيدار ترقي بابت پهرين فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. هي دورو پاڪستان جي اڏام پاڪستان قدمن تحت خطي ۾ رابطاڪاري، اقتصادي انضمام ۽ پائيدار ترقي جي عزم جو مظهر آهي. اشڪ آباد پهچڻ تي وفاقي وزير پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ سفارتي عملي ۽ پاڪستاني برادري جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ سينيٽر احسن اقبال پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ اقتصادي سهڪار جي بي پناهه امڪانن تي زور ڀريو. هن چيو ته علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ اڏام پاڪستان جي قدمن تحت هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي ويزن لاءِ نهايت اهم آهي. پروفيسر احسن اقبال ترڪمانستان کان پاڪستان تائين گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. جنهن سان ترڪمانستان جي توانائي جا ذخيرا پاڪستان ۽ ٻين عالمي مارڪيٽن تائين پهچي سگهندا. هن چيو ته هي منصوبو علائقائي توانائي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ پاڪستان جي سبز توانائي جي منتقلي کي هٿي وٺرائيندو. جيڪو ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ سڀني لاءِ جٽادار توانائي جي فراهمي لاءِ اڻٽر آهي. رٿابندي واري وزير ترڪمان جي توانائي وارين ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرميون قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي اهڃاڻن، مالياتي نظم و ضبط ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي سخت نگراني ۽ اثرائتي عملدرآمد جي پاليسين جي نتيجي ۾ پاڪستان معيشت جي بحالي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي. جيڪو اڏام پاڪستان جي هدفن مطابق آهي. پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ لڪيل صلاحيت، حڪومتي سڌارن ۽ سگهه جو حوالو ڏيندي احسن اقبال گوشت، مڇي، ميون ۽ ٻين زرعي مصنوعات ۾ ٻه طرفه سهڪار جي وسيع موقعن جي نشاندهي ڪئي. هن ترڪمانستان جي ڪپهه جي پيداوار ۽ پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري وچ ۾ صنعتي سهڪار جي امڪانن تي به زور ڀريو ۽ چيو ته اڏام پاڪستان تحت صنعتي ترقي ۽ ويليو چينز جي تعمير واري ويزن سان هم آهنگ آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ۽ علائقائي قربت جو ذڪر ڪندي وزير چيو ته جڏهن اسان جو وقت هڪجهڙو هوندو آهي ته اسان جون دليون به گڏ ڌڙڪنديون آهن.