اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪري جاري تعميراتي سرگرمين جو معائنو ڪيو ۽ نون ڪلاس رومز ۽ رهائشي بلاڪس جو جائزو ورتو. ان موقعي تي گهرو وزير هدايت ڪئي ته اپگريڊيشن منصوبو اعليٰ معيار سان 6 مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي. گهرو وزير محسن نقوي اڪيڊمي جي ترقي لاءِ نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ روپين جو چيڪ ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي کي پيش ڪيو. بعد ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت به ڪئي جنهن ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، چيئرمين سي ڊي اي، آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي کي جديد بڻائڻ لاءِ اپگريڊيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي محمد ادريس احمد ماسٽر پلان تي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته گهرو وزير جي هدايتن مطابق مرحليوار عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، ان سلسلي ۾ چئني صوبن مان بهترين پوليس آفيسرن کي ڪورس ڪمانڊنٽ ۽ اسسٽنٽ ڪورس ڪمانڊنٽ طور مقرر ڪيو پيو وڃي. محسن نقوي چيو ته نيشنل پوليس يونيورسٽي جو قيام اسان جي اصل منزل آهي ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد اين پي اي کي هڪ اهڙو عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ آهي جتي نه رڳو ملڪي پر پرڏيهي آفيسر به تربيت لاءِ اچن. هن تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن لاءِ ماسٽر ڊگري پروگرام جاري ڪرڻ لاءِ ضروري قدم جلد مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڏني. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي ۽ سائبر ڪرائيم جهڙن شعبن کي تربيتي پروگرامن جو لازمي حاصو بڻايو ويندو ته جيئن پوليس آفيسر ان بدلجندڙن حالتن موجب پاڻ کي موثر انداز ۾ تيار ڪري سگهن.