لاهور-27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا جي
ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ افغانستان مان فتنه الخوارج جي
دهشتگردن جي مداخلت ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين
پيش ڪيو آهي. هن آپريشن ۾ 54 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.
ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هن
ڪايماب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي
ته سيڪيورٽي فورسز شاندار پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن
کي وقت سر روڪيو. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز
سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي بچاءُ
۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم ۾ پختو آهي. وزيراعظم چيو
ته هي ڪامياب ڪارروائي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پاڪستان
دهشتگردي خلاف جنگ کٽي رهيو آهي ۽ دهشتگردن خلاف اهم ڪاميابيون
حاصل ڪري رهيو آهي.