اسلام آباد-27 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾
افغانستان مان مداخلت ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
ڪيو آهي. ڪالهه ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر
مملڪت فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف وقت سر ڪارروائي ڪندي 54
دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو.صدر مملڪت
ڪارروائي دوران 54 خوارج کي ناس ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي
بهادري جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز
ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي. صدر مملڪت چيو ته
دهشتگردن طرفان مداخلت ناڪام بڻائڻ وڏي ڪاميابي آهي، صدر مملڪت
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت جي عزم کي
ورجايو.