اسلام آباد-27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته
پاڪستان پيشيوراڻي حادثن ۽ بيمارين جي روڪٿام سميت سمورن شعبن ۾ هر
ڪارڪنن جي فلاح ۽ بهبود کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم ۾ عالمي برادري سان
شامل آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ”ڪم واري جاين
تي حفاظت ۽ صحت“ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم
چيو ته اڄ جڏهن اسان ڪم ڪرڻ وارن هنڌن تي حفاظت ۽ صحت جو عالمي
ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، پاڪستان پيشيوراڻي حادثن ۽ بيمارين جي روڪٿام
سميت سمورن شعبن ۾ هر ڪارڪنن جي فلاح ۽ بهبود کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي
عزم ۾ عالمي برادري سان شامل آهي. هن چيو ته هلندڙ سال جو ٿيم ”صحت ۽
حفاظت ۾ انقلاب، ڪم ۾ اي آءِ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو ڪردار“ اسان کي فني ترقي
ذريعي مستقبل ۾ ايندڙ موقعن ۽ ذميوارن تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪم وارن هنڌن تي ڊجيٽل سسٽمز
اختيار ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ ضروري آهي ته ان جو استعمال ڪندي اسان
ڪارڪنن جي صحت، حفاظت، عزت کي يقيني بڻايون. هن چيو ته فني ترقي
سبب اسان کي بهتر، سمارٽ ۽ ڀروسي جوڳا اوزار دستياب آهن جيڪي خطرن
جو اندازو لڳائي سگهن ٿا ۽ بدلجندڙ ماحول کي اختيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي
سگهن ٿا. هن چيو ته هن ٽيڪنالاجي کي مضبوط ڪري اسان ڪم واري هنڌ تي
اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهون ٿا جيڪو نه رڳو وڌيڪ ڪارآمد هجي پر سڀني
لاءِ نمايان طور محفوظ ۽ صحتمند پڻ هجي. پاڪستان حڪومت اهڙي فريم
ورڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو ڪارڪنن جي حقن جو تحفظ
ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي مان سمورن اسٽيڪ هولڊرن
سميت اجرت ڏيندڙن، ڪارڪنن، پاليسي سازن جي اهم ڪردار جو ذڪر
ڪريان ٿو جيڪي گڏجي هڪ اهڙو مستقبل جوڙين جتي ڪم واري هنڌن تي
ٽيڪنالاجي ۽ انساني قدر گڏوگڏ هلن.