واشنگٽن-26 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب
ورلڊ بئنڪ اسپرنگ ميٽنگز جي موقعي تي آمريڪا جي انٽرنيسنل ڊيولپمنٽ
فنانس ڪارپوريشن( يو ايس ڊي ايف سي) جي وقتي سي اي او ڊيوڊ
جگديسن سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي
سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل بيان
موجب ان موقعي تي پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن
ته سيڙپڪاري جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾
ريڪوڊڪ منصوبو پڻ شامل هو. هن پاڪستان جي منرلز انويسٽمنٽ فورم ۾
آمريڪي عملدارن جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد
تي مشتمل سهڪار جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو.