اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ڇو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي بقاءَ جي لاءِ زندگي جي علامت آهي ۽ ان حق جي تحفظ جي لاءِ سمورا قانون ۽ سمورا قدم موجود آهن، اهو معاهدو عالمي قانون ۽ ٻطرفي معاهدن تحت اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ دوران ڳالهائيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت کي ڪو حق حاصل نه آهي ته هو هڪطرفو فيصلو ڪري ان معاهدي کي معطل ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڀارت جو غيرقانوني، هڪطرفو ۽ غيرذميواراڻو اعلان بين الرياستي تعاون ۽ معاهدن جي مناسب عملداري جي بنيادي ڍانچي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، هو عالمي قانونن ۽ ٻطرفي معاهدن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته ان جي لاءِ ٻنهي ڌرين جو تعاون ضروري آهي جڏهن ته ڀارت کي اهڙو ماحول پيدا نه ڪرڻ گهرجي جنهن جي ڪري اسان سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿيون. شفقت علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. هن زور ڏنو ته سنڌ طاس نظام جو پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي بقاءَ جي لاءِ زندگي جي علامت آهي ۽ ان جي دستيابي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. جڏهن ته پاڻي جي وهڪري ۾ ڪنهن به طرح جي هڪطرفي تبديلي يا بندش کي اعلانِ جنگ جي برابر سمجهيو ويندو. سک ياترين کي پاڪستان ڇڏڻ جي آخري کان ڇوٽ قرار ڏيڻ جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته اهو اسان جو پنهنجو فيصلو آهي ته اسان سک ياترين جي لاءِ پاڪستان ۾ آسانيون پيدا ڪريون. ڀارتي ميڊيا جي جنگي ڪيفيت ڦهلائڻ واري رويي بابت هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي ميڊيا ثبوت يا معتبر جاچ کانسواءِ پاڪستان تي الزام هڻي رهي آهي ۽ جنونيت جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران الزام بازي جو اهو شيوو انهن جي پراڻي عادت آهي ته جيئن هو سدائين وانگر پنهنجي حڪومت جي بي بنياد دعوائن ۽ بيانيي کي سگهه ڏئي سگهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن پنهنجو موقف واضح طور تي پهچائي سگهي جڏهن ته اڃا تائين ڪي به ثالثي جون ڪوششون ناهن ٿيون. هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کي ورجائيندي چيو ته ان ۾ واهگه بارڊر جي بندش، واپار جي معطلي، فضائي حدن جي بندش، سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي ۽ ويزائن جي معطلي (سواءِ سک ياترين جي) شامل آهن. هن چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ جو ڪو اختيار نه آهي. ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني قيدين جي حوالي سان خدشن تي ڳالهائيندي ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت پنهنجي عالمي ۽ انساني حقن جون گهرجون پوريون ڪندو ۽ انهن قيدين جي مناسب سارسنڀال ڪندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا قانوني معاهدن جي ڪجهه شقن تي قائم آهن پر جيڪڏهن هڪ ملڪ ڪنهن به قسم جي لاڳاپن، مهذب مڪالمي يا رابطي ۾ دلچسپي نه ٿور کي ته اسان وٽ به سمورا ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ آهي. افغانستان سان لاڳاپن جي حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته دوستاڻي رابطن جي فروغ جي لاءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪابل جو اهم دورو ڪيو جتي خاص طور تي مضبوط سياسي رابطن جي حوالي سان ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هاٽ لائين رابطا قائم ڪرڻ تي پڻ اڳڀرائي ٿي. گذريل هفتي جي سفارتي سرگرمين کان آگاهه ڪندي ترجمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري جو ذڪر ڪيو جتي سندس ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي تازي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن 20 کان 21 اپريل 2025ع تي گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي پاڪستان جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ سندس وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ملاقاتون ٿيون. ان دوران ثقافتي تعاون، قونصلر معاملن جي گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ گڏيل عرب امارات – پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻ جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون. اهڙي طرح روانڊا جي پرڏيهي وزير اوليور ندهينگري جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي تربيت جي حوالي سان پڻ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترجمان پوپ فرانسس جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي ان کي هڪ ”مقدس روحاني شخصيت ۽ سڄي دنيا ۾ امن، بين المذاهب مڪالمي ۽ همدرديءَ جي عملبردار“ جي طور تي ياد ڪيو جنهن دنيا جي مذهبن ۾ اتحاد، مظلومن جي حمايت ۽ انساني عظمت جي فروغ جي لاءِ ناقابل ترديد خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان ان جي اڻٿڪ ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هيون، ان موقعي تي پاڪستان سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڪيٿولڪ ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ انهن سمورن ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جن کي پوپ فرانسس جي غيرمعمولي زندگي متاثر ڪيو.