اسلام آباد-25 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ موٽر وي تي اوور اسپيڊنگ ۽ ايڪسل لوڊ پاليسيءَ تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، ڀڃڪڙي ڪندرن لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي. ڪمرشل گاڏين لاءِ 3 مهينن ۾ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊرائيورز جي خصوصي تربيت جو بندوبست ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن نيشنل نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس هيڊ ڪوارٽرز جي دؤري جي موقعي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي حادثن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ 20 سالن کان وڌيڪ پُراڻين گاڏين کي اچڻ جي اجازت نه ملندي. گاڏين جي ٽائرن لاءِ ڌار سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندا. هن آءِ جي موٽر وي ۽ پوليس کي ان سلسلي ۾ مضبوط پاليسي جوڙڻ ۽ ان تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته موٽر وي تي هڪ ئي هنڌ حادثا ڳڻتيءَ جوڳا آهن. اوور اسپيڊنگ تي ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ جا مثبت اثر سامهون آيا آهن. انساني جانين جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي. موٽر وي پوليس کي پنهنجي اڳ کان موجود معيار ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻي پوندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي موٽر وي ٻُڌايو ته حفاظتي ڪنڊيدار تارون چوري هئڻ سبب هن وقت تائين 53 ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 36 ملازمن کي گرفتار ڪري انهن کان 2 هزار ميٽر ڪنڊيدار تارون هٿ ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي کيس چست جٿي سلامي پيش ڪئي. مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري، آءِ جي موٽر وي ۽ سينيئر آفيسرن سندس استقبال ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي شهيدن لاءِ قائم يادگار تي گل رکيا ۽ پنهنجي فرضن دوران شهادت ماڻيندڙن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي. وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي ڪنٽرول روم جو معائنو ڪيو ۽ـ هيلپ لائن تي شڪايتون داخل ڪرڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ انهن جي ازالي جي طريقيڪار تي بريفنگ ورتي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي پوليس کي موجوده دؤر جي گهرجن موجب سوشل ميڊيا تي به پنهنجون خدمتون اجاگر ڪرڻ گهرجن. وفاقي وزير موٽر وي تي ڪجهه ڏينهن اڳ شهيد ٿيل انسپيڪٽر منصور اصغر ۽ ٻين شهيدن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ موٽر وي عملدارن کي چيو ته سڀ کان پهرين اهي پنهنجي جانين جي تحفظ کي مٿانهون رکن ۽ موٽر وي تي مختلف هنڌن تي اهڙا شولڊرز بنايا وڃن جتي هنگامي صورتحال ۾ گاڏين کي روڪي سگهجي.